پٽ لاڻي گاهه جي تصوير

پٽ لاڻي گاهه جي تصوير

پٽ لاڻي

پَٽَ لاڻي: هڪ قسم جو گاهه، جنهن کي اُٺ کائيندا آهن. هي گاهه ، بنجر ميداني علائقن ۾ جام ٿئي ٿو. هن کي پنجابيءَ ۾ اليٿي، لاطينيءَ ۾ Zygophyllum Simplex چيو وڃي ٿو، هن گاهه جي آڪهه جو نالو Zygphylaceae آهي، هي لاڻيءَ جو ننڍڙو قسم آهي، جيڪا زمين تي پکڙيل ٿيندي آهي، جنهن ۾ تمام گھڻو پاڻي ٿيندو آهي، هن جا گل هيڊا ٿيندا آهن. ٽنڊي محمد خان جي تر ۾ عام جام آهي. حيدرآباد، ٿرپارڪر، دادو ۽ بدين ۾ ڪثرت سان ٿئي ٿي. هي لوڻياٺين زمينن تي ڪثرت سان ڏٺي وئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو